سروپچندر شاد

سروپچندر شاد

سروپچندر شاد

سروپچندر ’شاد‘: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور جديد شاعر سروپچندر شاد، 2 جنوري 1937ع تي مٺيءَ (ضلعي ٿرپارڪر) ۾، سونارن جي پاڙي ۾ پيدا ٿيو. بي. اي (آنرس) ۽ ايم. اي (انگريزي ادب) ڪرڻ کانپوءِ. هي 1962ع ۾ 25 سالن جي عمر ۾ انگريزي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو. مختلف ڪاليجن، سانگهڙ، ٽنڊي جان محمد ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ پڙهايائين، زندگيءَ جو وڏو حصو ٽنڊي محمد خان ۾ رهيو ۽ اتان جي ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. هن عمر جا 60 سال پورا ڪري 1999ع ۾ رٽائر ڪيو. سروپچندر شاد جو نالو جديد سنڌي شاعرن ۾ نهايت عزت سان ڳڻيو وڃي ٿو. هن شاعريءَ جي شروعات هڪ نظم ’قائداعظم‘ کان ڪئي، جيڪا الوحيد اخبار ۾ شايع ٿي. سندس شاعريءَ بابت سنڌ جو ناميارو نقاد ۽ عالم مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته سروپچندر شاد جي شاعريءَ ۾ اصليت ۽ حقيقت سان گڏ رواني ۽ برجستگي آهي، جنهن سندس فن کي چار چنڊ لڳايا آهن، زياده تر دوها، سورٺا، گيت، سانيٽ، ترائيل ۽ نظم تي طبع آزمائي ڪئي. دوهن جي سلسلي ۾ سندس ڍاٽڪي دوها نهايت رنگين آهن، جي سنڌي ترجمي سميت مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪلام سنڌي زبان جي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. سروپچندر شاد جديد شاعرن ۾ اهو باڪمال شاعر هو، جنهن پنهنجي فن کي تخليق جي اعليٰ مقام تي پهچائي پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي. سندس بيت، دوها، سورٺا سنڌيءَ ۾ توڙي ڍاٽڪيءَ ۾ فن جو اعليٰ مثال آهن. سندس ڪلام ۾ ذوقِ جماليات جا قدر آهن، جن ۾ زندگيءَ جي اهم مسئلن ۽ معاملن جي ترجماني ڪئي وئي آهي. سندس انداز بيان ۾ اصليت ۽ صداقت جا نمايان عنصر موجود آهن، جيڪي پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪن. 29 مارچ 2021ع تي وفات ڪئي. سروپچندر جو شمار سنڌ جي اهم گيتڪار شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس گيتن ۾ غضب جي رواني موجود آهي. جيئن هو عام وهنوار ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سچار، خلوص وارو ۽ بيباڪ شخص رهيو آهي، تيئن سندس شاعريءَ ۾ به سچائي، خلوص ۽ بيباڪيءَ وارو رنگ موجود آهي. هن جو نظم ’حسين عليه السلام‘ تمام مقبول رهيو، جنهن جا ٻه بند هيٺ ڏجن ٿا: هيرن جهڙو هيو ’حسين‘، جڳ سارو جرڪائي ويو، سچ کان جيئن جيئدان ملي، ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ويو. سندس ڪيترائي گيت مشهور آهن، پر ’سانوڻ آيو سانگ ڪري‘ گيت تمام گهڻو مقبول ٿيو، جنهن جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو: ڪر کنيو ائين ڪڪر لُڏن ٿا، جهومن پيا ڄڻ نانگ هزار، وار سُڪائي ڄڻ ڪا نار. ڪڪر- ڇانيل اُڀ آهي، يا ڪجلي اکڙين جي سرڪار، يا ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار، وِڄ چمڪي ائين ڄڻ ڪا ڀوري، گهونگهٽ لاهي ذري ذري، سانوڻ آيو سانگ ڪري!


لفظ سروپچندر شادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.01.02  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور جديد شاعر سروپچندر شاد، 2 جنوري 1937ع تي مٺيءَ (ضلعي ٿرپارڪر) ۾، سونارن جي پاڙي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد حسين شوقي ٺٽوي
اقبال بلوچ
رضوي همت علي شاهه
بلوچ هدايت
بيوس رضوي
سرواڻ سنڌي
چانڊيو زخمي
رکيل شاهه
حمايت علي شاعر
ٽيڪچند مست
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون